- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي هدايت تي مختلف ضلعن ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 56 منشيات وڪرو ڪندڙ گرفتار ڪيا ويا، جن وٽان چرس، هيروئن، آئس ۽ ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي هدايت تي منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاررايون ڪيون ويون.
ڪاررواين دوران 56 منشيات وڪرو ڪندڙ گرفتار ڪيا ويا، جن وٽان 10 ڪلو چرس، 28 گرام هيروئن، 5 گرام آئس هٿ ۽ هڪ هزار 36 لٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو.
بدين جي مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران 27 منشيات وڪرو ڪندڙ گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته دادو مان هڪ عورت سميت 29 منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، صوبي کي منشيات کان پاڪ ڪيو ويندو.
صوبائي وزير ميمڻ چيو ته منشيات خلاف پوليس ۽ ايڪسائز جي جوانن جو ڪوششن ساراهه جوڳيون آهن، منشيات وڪرو ڪندڙ نئين نسل جي رڳن ۾ زهر شامل ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات کان پاڪ معاشري لاءِ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو…..- Advertisement -
