تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سينيٽ، آرمي، ايئر فورس، نيوي ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل منظور ڪري ورتو

- Advertisement -
فيلڊ مارشل عاصم منير وڌيڪ پنجن سالن لاءِ آرمي چيف جي عهدي تي برقرار رهندو، آرمي چيف ئي چيف آف ڊفينس اسٽاف هوندو، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جو عهدو ختم، سينيٽ، آرمي، ايئر فورس، نيوي ترميمي ايڪٽ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل منظور ڪري ورتو. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، بچاءَ واري وزير خواجا آصف ۽ طارق فضل چوڌري بل پيش ڪيو. ايوان پاڪستان آرمي ايڪٽ، پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ، پاڪستان نيوي ايڪٽ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. سينيٽ ۾ بلن جي منظوري جي موقعي تحريڪ انصاف ۽ جي يو آءِ ميمبرن مخالفت ڪئي. همايون مهمند ۽ ڪامران مرتضيٰ بل جي مخالفت ڪندي بل کي ڪميٽي ۾ اماڻڻ جو مطالبو ڪيو. سينيٽ چيئرمين بلن جي منظوري لاءِ ايوان کان راءِ ورتي، جنهن بعد ايوان بلن کي اڪثريت راءِ سان منظوري ڪري ورتو. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ايوان ستاويهين آئيني ترميم ڪئي ۽ ان سبب ايڪٽس ۾ ترميم جي ضرورت هئي، آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
36 %
2.3kmh
80 %
آچر
21 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون