تازه ترين

سينيٽ جو اجلاس اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي ٿيندو ، 14 نڪاتي ايجنڊا جاري

- Advertisement -
سينيٽ جو اجلاس اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي ٿيندو جنهن جو 14 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو. سينيٽ اجلاس ۾ معمول جي قانونسازي ڪئي ويندي جڏهن ته ٽي حڪومتي بل منظوري لاءِ پيش ٿيندا. آرٽيڪل 106 ۾ ترميم بابت آئيني ترميم بل 2024 ۽ بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائزيشن تي رپورٽ پيش ٿيندي جڏهن ته ٽيڪسائل برآمدات ۾ گھٽتائي تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ اجلاس جو حصو آهي. اهڙي طرح اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ترميمي بل 2025ع ۽ سول ڪورٽس ترميمي بل 2025ع سينيٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيا ويندا. ان کانسواءِ پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ترميمي بل 2025ع منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو، ۽ ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن ۾ واڌ، بلوچستان ۾ مسافرن جي قتل تي به ڌيان ڇڪايو نوٽيس به پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته سينيٽ چيئرمين، سينيٽر اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊرز تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب اجلاس جي صدارت جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
heavy intensity rain
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
49 %
4.6kmh
88 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون