- Advertisement -
سينيٽ جو اجلاس اڄ صبح ساڍي ڏهين وڳي ٿيندو جنهن جو 25 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي.
ايجنڊا موجب، سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي وقفي کان علاوه مختلف اسٽيڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪيون وينديون.
اجلاس ۾ انڪم ٽيڪس ترميمي بل 2025 پيش ڪيو ويندو جڏهن ته سوسائيٽيز رجسٽريشن ترميمي آرڊيننس 2024 به سينيٽ ۾ آندو ويندو.
ان کان علاوه ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن جي ضافي بابت سينيٽر سرمد علي جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس به ايجنڊا ۾ شامل آهي.
صنعتن جي بندش سبب ملڪن ۾ بيروزگاري ۾ اضافي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس به سينيٽ اجلاس جي ايجنڊا جو حصو آهي.- Advertisement -
