- Advertisement -
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي اجلاس دوران وزيرن جي شرڪت نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سوالن جو وقفو معطل ڪري ڇڏيو.
ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران سينيٽر ڪهده بابر وزيرن جي شرڪت نه ڪرڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ وزير کانسواءِ ڪوبه موجود ناهي، هڪ سال ٿيڻ تي آهي سندن مسئلا ڪير حل ڪندو.
سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته نگرانن جي نگراني ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي، ان باوجود کين سينيٽ ۾ ٻڌو؟، سوالن جو وقفو ملتوي ڪري بحث جي اجازت ڏني وڃي.
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي اجلاس دوران وزيرن جي شرڪت نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سوالن جو وقفو معطل ڪري ڇڏيو.
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اڄ وڌيڪ سوال واپار واري وزارت بابت آهن، وزير سرڪاري دوري تي سعودي عرب ويل آهي، هو پاڻ اچي سوالن جا جواب ڏيڻ چاهي ٿو،
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته اڄ تمام اهم معاملن بابت سوالن جا جواب ڏيڻا هئا، وزير کي پاڻ موجود هئڻ گهرجي ها.- Advertisement -
