- Advertisement -
آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته سينيٽ مان منظوري ملندي ئي يوڪرين کي نئين امريڪي سيڪورٽي فراهم ڪئي ويندي.
وائيٽ هائوس جي ترجمان موجب صدر بائيڊن ۽ يوڪرين جي صدر زيلنسڪي ۾ ٽيليفون رابطو ٿي جنهن دوران مختلف معاملن تي ڳاله ٻولهه ڪئي وئي.
وائٽ هائوس موجب يوڪريني صدر يوڪرين جي مدد ڪرڻ تي آمريڪي صدر جو بائيڊن جا ٿورا مڃيا.
زيلنسڪي صدر بائيڊن کي روسي ميزائل، ڊرون ۽ بمباري سبب پيدا ٿيندڙ فضائي دهشتگردي بابت پڻ ٻڌايو.
يوڪرين جي صدر بائيڊن کي خارڪوف ۾ ٽي وي ٽاور تي روسي ميزائل حملي بابت به آگاهه ڪيو………..- Advertisement -
