- Advertisement -
سي ڊي ڊبليو پي 17 ڏهائي 95 ارب ماليت جي ڇهن منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 422 ارب رپين کان مٿي 15 ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو.
اجلاس ۾ صحت، زراعت، ماحوليات، گورننس ۽ آبي وسيلن جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران ٽرانسپورٽ اينڊ ڪميونيڪشن ۽ سائنس ٽيڪنالاجي جي منصوبن تي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ڪي پي ۾ گورننس سيڪٽر بابت 4 ارب 71 ڪروڙ رپين جي ماليت جي منصوبن جي منظوري ڏني.
سي ڊي ڊبليو پي جناح ميڊيڪل ڪمليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر منصوبي جي منظوري پڻ ڏني، صحت واري وزارت تحت منصوبي تي 3 ارب 11 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ لاڳت ايندي.
وزيراعظم يوٿ انٽرن شپ پروگرام جي سي ڊي ڊبليو پي کان پڻ منظوري ورتي، جڏهن ته ريلوي لاءِ مال بردار ۽ 230 ڪوچز جي خريداري جو منصوبو ايڪنڪ ڏانهن موڪليو ويو.
پاڪستان ريلوي جي ان منصوبي تي 70 ارب 96 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ ايندو، جڏهن ته راولپنڊي رنگ روڊ نظرثاني ٿيل منصوبو ايڪنڪ ڏانهن پڻ موڪليو ويو، جنهن تي 32 ارب 99 ڪروڙ رپين کان مٿي خرچ ايندو، جنهن جي ايڪنڪ منظوري ڏيندي.- Advertisement -
