- Advertisement -
سٺ ميل ۾ دڪان جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو دٻجي فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.
هوت فقير روڊ تي مٺائي جي دڪان جي ڇت اوچتو ڌماڪي سان ڪِري پئي.
ڇت ڪرڻ سبب اڪبر سيال دٻجي فوت ٿي ويو جڏهن ته رزاق ملڪ ۽ گلزار سولنگي زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
اڪبر سيال جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته دڪان جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
