ستاويهين آئيني ترميم بابت پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي

- Advertisement -
ستاويهين آئيني ترميم بابت پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي. شام ستين وڳي ٿيندڙ اجلاس جي صدارت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري به شريڪ ٿيندو. سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي کي 27هين آئيني ترميم بابت حڪومتي ڊرافٽ تي اعتماد ۾ ورتو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي 27هين آئيني ترميم جي ڪجهه نقطن تي متفق ٿي وئي آهي، جڏهن ته ارڙهين ترميم جا اختيار واپس، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي مان ڪٽوتي ۽ صوبائي کاتن جي وفاق منتقلي تي اعتراض آهن. سي اي سي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ بابت به غور ڪيو ويندو، پ پ جا آئيني ماهر اجلاس کي بريفنگ ڏيندا. سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
20%
3.6m/s
1%
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
33 °

تازه ترين خبرون