- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي آءِ اي کي خانگائڻ خلاف حڪم نامو واپس وٺندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پي آءِ اي انتظاميا کي نئين پروفيشنل ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، حڪومت طرفان پي آءِ اي کي خانگاهڻ جو عمل شروع ڪيو هو پر خانگاهڻ جي عمل سبب نيون ڀرتيون نه ڪيون ويون.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پي آءِ اي جو فلائيٽ آپريشن بحال ٿي ويو آهي، خانگائڻ جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي.
آئيني بينج جي سربراهه جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻيهر خانگائڻ جي عمل ۾ شايد هاڻي اگهه سٺو ملي.
جسٽس جمال مندو خيل چيو ته عدالت پنهنجو اعتماد ڏئي رهي آهي، ادارو سٺي نموني خانگايو وڃي.
عدالت پي آءِ اي کي خانگائڻ خلاف حڪم نامو واپس وٺندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو……..- Advertisement -
