- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جسٽس منصور علي شاهه جو چوڻ آهي ته 27هين آئيني ترميم ذريعي عدليا کي حڪومت جي ماتحت بڻائي ڇڏيو آهي، ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت کي ورهائي عدليا جي آزادي کي پائمال ڪرڻ سان ملڪ کي ٻه ڏهاڪا پوئتي ڌڪيو ويو آهي.
ٻنهي ججن سپريم ڪورٽ مان پنهنجا چيمبر خالي ڪري ڇڏيا آهن، جسٽس منصور علي شاهه جي استعيفيٰ پنجن صفحن تي ٻڌل آهي.
جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله پنهنجي استعيفيٰ صدر آصف علي زرداريءَ ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.
پنهنجي استعيفيٰ ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته 27هين ترميم آئين تي سنگين حملو آهي، ان ترميم سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته 27هين آئيني ترميم ذريعي عدليا کي حڪومت جي ماتحت بڻائي ڇڏيو آهي، ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت کي ورهائي عدليا جي آزادي کي پائمال ڪرڻ سان ملڪ کي ٻه ڏهاڪا پوئتي ڌڪيو ويو آهي، ان نازڪ موڙ تي سندس لاءِ ٻه ئي رستا آهن.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته 27هين ترميم آئيني جمهوريت جي روح تي ضرب لڳائي آهي، انصاف عام ماڻهو کان پري ۽ طاقت آڏو بي وس ٿي ويو آهي.
جسٽس منصور علي شاهه استعيفيٰ جي پڄاڻي احمد فراز جي مشهور شعر سان ڪئي….
- Advertisement -
