تازه ترين

سپريم ڪورٽ طرفان اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت فيصلو معطل ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ اليڪشن  ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت فيصلو معطل ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪندي لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ معاملو ٽه رڪني ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سڪندر بشير، تحريڪ انصاف جو وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي اليڪشن ڪميشن لاهور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس سان ڳالهيون ڇو نه ڪيون، آئين ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته ڪنهن جج سان ملاقات نٿي ڪري سگهجي، ملاقات ڪرڻ ۾ انا جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟، ٻئي آئيني ادارا آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ئي تڪراري ڇو هوندي آهي؟، اوهان ماڻهو اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا، ايوان صدر ۾ وڃڻ تي اتفاق ٿيو ته اليڪشن ڪميشن بلڪل سامهون آهي، اليڪشن ڪميشن ڪيئن صدارتي آرڊيننس ٺاهي رهي آهي؟، هي ته پارليامينٽ جي توهين هوندي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان چئي رهيا آهيو اليڪشن ڪرائڻ سندن ذميواري آهي، هائيڪورٽ پري آهي، اوهان ڪيئن چئي رهيا آهيو ته صدارتي آرڊيننس آڻي سگهو ٿا؟، ڇا هي قانون آهي؟. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير چيو ته هن قانون ناهي ٺاهيو، هو جنرل ڳالهه کان وڌيڪ نٿو ڪري سگهي، آرڊيننس جو دفاع نه ڪري رهيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جي ذميواري سندس آهي، پنهنجي ڪمزوري کي سبب نه بڻايو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا آرڊيننس کي چئلينج ناهي ڪيو؟، جنهن تي پي ٽي آءِ وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته آرڊيننس کي لاهور ۽ اسلام آباد هائيڪورٽس ۾ چئلينج ڪيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته مختلف هائيڪورٽس ڇو؟، آرڊيننس ته سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿيندو، اليڪشن ٽربيونل لاءِ آئين ڇا ٿو چئي؟، پارليامينٽ قانون ٺاهيندي آهي، هو قانون جي حفاظٽ ڪندا آهن، جنهن جو ڪم آهي کيس ڪرڻ ڏنو وڃي، هڪ گڏجاڻي ۾ ويهي سڀ ڪجهه طئي ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ناهي ٿيو، ان لاءِ ان تي نوٽيس نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ڪجهه پسند ناهي ايندو ته قانون تبديل ڪيو ويندو آهي، جڏهن پارليامينٽ قانون ٺاهي ٿي ته آرڊيننس پارليامينٽ جي توهين آهي. وڪيل سڪندر بشير چيو ته آرڊيننس قانوني آهي ڇو ته آئين اجازت ڏئي ٿو، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آرڊيننس جاري ڪرڻ جا سبب ٻڌائيندا، جيڪڏهن پارليامينٽ قانون تبديل ڪيو هو ته ان کي آرڊيننس ذريعي واپس آندو ويو، آرڊيننس آڻڻ جي ڪهڙي ايمرجنسي هئي؟. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته عدليه تي وڌيڪ بار ٿيڻ سبب آرڊيننس آندو ويو، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته خالي سيٽون ڀرڻ ڪنهن جو ڪم آهي؟. وڪيل سڪندر بشير چيو ته لاهور هائيڪورٽ جي ججن جو انگ 60 آهي جڏهن ته 40 ڪم ڪري رهيا آهن، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ٽربيونل جي ججن جي مقرري ڪنهن جو اختيار آهي؟، سندس معاملو سامهون آهي ته ججن جي مقرري ڪير ڪري سگهي ٿو؟، آئين ڇا ٿو چئي؟. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سٺي قانون جي تشريح جي ضرورت ناهي، اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي ۽ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، آئين موجب ٽربيونل ٺاهڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. چيف جسٽس، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا لاهور هائيڪورٽ جو فيصلو قانون موجب آهي؟ جنهن تي وڪيل سڪندر بشير چيو ته فيصلو قانون موجب آهي پر هو ٻڌائڻ ٿو چاهي ته هاءِ ڪورٽ ڇا ڪيو. سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جوڙڻ جو فيصلو معطل ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد ڪندي معاملو لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
20 %
3.6kmh
0 %
آچر
29 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون