سپريم ڪورٽ نيب ترميمون ڪيس۾ حڪومتي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ نيب ترميمون ڪيس۾ حڪومتي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بئنچ نيب ترميمون ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن  دوران پي ٽي آءِ باني وڊيو لنڪ ذريعي  پيش ٿيو. پ پ طرفان فاروق ايڇ نائڪ به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ دليل ڏنا، عدالت دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جڏهن ته چيف جسٽس اڄ جي ٻڌڻيءَ جو حڪم نامو لکرايو. حڪم نامي ۾ چيف جسٽس لکرايو ته ڪا به ڌر لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ چاهي ته ڪرائي سگهي ٿي، اهو ڪيس ته ٽياڪڙي جي معاملي تي سپريم ڪورٽ آيو هو. حڪم نامي موجب جواب ۾ لکيو ويو ته نيب پيسا پاڻ وٽ رکيا آهن، هڪ رپيو به پاڻ وٽ ڪيئن رکي سگهجي ٿو؟  نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل  پاڻ پيش ٿئي. سپريم ڪورٽ لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو ته فاروق ايڇ نائڪ ٻڌايو ته پ پ دور ۾ ڪو به نيب ڪيس نه ٺهيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پارٽيءَ جي ڳالهه سامهون نه ڪريو، جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته وفاقي حڪومت ڪيئن متاثر آهي؟ حڪم نامي موجب چيف جسٽس سوال  ڪيو ته نيب جي بجيٽ رپورٽ ڪٿي آهي؟ حڪم نامي موجب عدالت نيب کان ڏهن ورهين جي بجيٽ جو  رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته نيب جي وڪيل  طرفان جمع ڪرايل جواب رد ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ طرفان لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ڪا به ڌر ستن ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائي ته ڪرائي سگهي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.5 ° C
11.5 °
11.5 °
44%
0.8m/s
100%
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون