تازه ترين

سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلز قائم ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلز قائم ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي استحڪام جي ضرورت آهي، هڪ دشمن نه پر هڪ ئي ملڪ ۾ آباد آهن،  اختلاف هئڻ کان انڪار ناهي پر ادارن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي،  جيترو جلد ٿي سگهي چونڊ اعتراضن جا فيصلا ٿيڻ گهرجن،  پارليامينٽ جو مدو هڪ ڏينهن به وڌائي نه  ٿو سگهجي. پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيول جوڙڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران سلمان اڪرم راجا ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. سلمان اڪرم راجا موقف اختيار ڪيو ته لاهور هائيڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن کي عمل ڪرڻ گهرجي ها، هائيڪورٽ جي حڪم تي ڪو فيصلو ڏيڻ کانسواءِ سپريم ڪورٽ معاملو ختم نه ٿي ڪري سگهي. چيف جسٽس چيو ته ڇا هو عدالتي فيصلن تي ڀاڙڻ  يا آئين تي؟ عدالت آئين جي پابند آهي، کيس فرق نٿو پوي ته ڪنهن جج ڪهڙو فيصلو ڏنو.. چيف جسٽس، وڪيل سلمان اڪرم راجا کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان پنهنجي  مرضي جا جج ٽربيونل لاءِ چاهن ٿا؟ جڏهن لاهور هائيڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ صلاح مشورا ٿي چڪي آهي ته اوهان وڌيڪ ڇا ٿا چاهيو؟ سلمان اڪرم راجا چيو ته هائيڪورٽ جو حڪم  ڪالعدم يا برقرار رکڻ کانسواءِ ڪيس ختم نه ٿيندو، اليڪشن ڪميشن وٽ اهو اختيار ناهي ته ڪهڙو جج ڪهڙو ڪيس ٻڌندو؟ عدالتي فيصلن بدران رڳو آئين تي عمل ٿئي ته  ملڪ ۾ مسئلا پيدا ٿيندا. چيف جسٽس چيو ته  ملڪ کي استحڪام جي ضرورت آهي، هڪ دشمن نه پر هڪ ئي ملڪ ۾ آباد آهن،  اختلاف هئڻ کان انڪار ناهي پر ادارن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي،  جيترو جلد ٿي سگهي چونڊ اعتراضن جا فيصلا ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته پارليامينٽ جو مدو هڪ ڏينهن به وڌائي نه  ٿو سگهجي. دليل مڪمل ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلن جي جوڙجڪ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
43 %
1.9kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون