- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ڀٽو ريفرنس ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته مارشل لا هڪ انفرادي فيصلو آهي، ان کي فوج اداري طور لاڳو ناهي ڪندي، اصل سوال آهي ته عدالتي ڪارروائي ۾ پراسس درست اختيار ڪيو ويو يا نه؟ ڇا اهو ملڪي تاريخ جو پهريون ڪيس هو جنهن ۾ ٽرائل هائيڪورٽ ڪيو ۽ اپيل جو حق کسيو ويو؟ ڇا موت جي سزا چار ٽي جي اڪثريت سان ڏئي سگهجي ٿي؟ کيس لڳي ٿو ته کين ڪيس جي حقيقتن کي ڏسڻ گهرجي
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به عدالت پهتو.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته سندن سمورو ڌيان آئيني پاسي طرف آهي، مخدوم علي خان چيو ته تميز الدين خان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ هڪ جائزو ورتو.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ان ڪيس ۾ اصل سوال اهو آهي ته ڇا عدالتي ڪارروائي ۾ درست پراسس اختيار ڪيو ويو يا نه؟
چيف جسٽس چيو ته سندن ٻڌڻيءَ جو اختيار بلڪل واضح آهي، ٻه ڀيرا نظرثاني نٿي ٿي سگهي، هو ان ڪيس ۾ ليڪو ڪيئن ٿا ڪڍي سگهن؟ ڇا هن ڪيس ۾ تعصب جو سوال آهي يا غلط فيصلي کي تسليم ڪرڻو آهي؟
عدالتي مددگار چيو ته هڪ جج انٽرويو ۾ چيو ته مٿس دٻاءُ هو.
چيف جسٽس چيو ته جج اهو ته نه چيو نه ته هو تعصب جو شڪار هو؟
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن هو دٻاءُ برداشت نه ٿو ڪري سگهي ته کيس بئنچ کان ڌار ٿيڻ گهرجي.
جسٽس منصور چيو ته اصل سوال اهو آهي ته هاڻي هو ڪيئن دروازو کولي سگهن ٿا؟ ڇا هو آرٽيڪل 186 تحت هاڻي اهو فيصلو ڪري سگهن ٿا ته پراسس غلط هو؟
چيف جستش چيو ته ڇا هو هاڻي انڪوائري ڪري سگهن ٿا؟ جسٽس جمال چيو ته هي ڪيس قطعي ٿي چڪو آهي، ڇا کين اهو سوال ڪنهن اپيل ۾طئه نه ڪرڻ گهرجي؟
چيف جسٽس چيو ته ڇا هو ان پاسي کي نظرانداز ڪري سگهن ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو خلافجڏهن ڪيس هليو ان وقت ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو هو.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا ان وقت ججن پي سي او تحت قسم به کنيو هو؟
هن چيو ته ڇا هن ڪيس ۾ اختلاف ڪندڙن کي بعد ۾ ملڪ ڇڏڻو نه پيو؟ جسٽس صفدر شاهه ملڪ ڇڏيو، ڦاهيءَ جي فيصلي سان اختلاف ڪندڙن جو ڪو انٽرويو يا ڪتاب آهي؟
مخدوم علي خان چيو ته جسٽس داراب پٽيل جو هڪ انٽرويو پي ٽي وي ۾ موجود آهي، نسيم حسن شاهه جسٽس مشتاق ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي اختلافن تي ڳالهايو.
چيف جسٽس چيو ته ڪجهه اهڙو ٻڌايو جنهن ۾ هن پنهنجي ڳالهه ڪئي هجي؟ افتخار احمد جي انٽرويو ۾ نسيم حسن شاهه ڇا چيو؟
مخدوم علي خان چيو ته جسٽس داراب پٽيل انٽرويو ۾ چيو هو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته بدقسمتيءَ سان داراب پٽيل نظرثاني اپيل خارج ڪندڙ بئنچ جو حصو هو.
مخدوم علي خان چيو ته جسٽس نسيم حسن شاهه انٽرويو ۾ چيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي وڪيل سزا گهٽ ڪرڻ تي دليل نه ڏنا ۽ ججن کي ناراض ڪيو.
چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪو جج ڪرمنل ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل تي وڪيل کي ٽوڪي سگهي ٿو؟ ڀــُـٽي جو وڪيل سزا معطلي بدران سزا ۾ گهٽتائي جي اپيل ڇو ڪري ها؟
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا اهو ملڪي تاريخ جو پهريون ڪيس هو جنهن ۾ ٽرائل هائيڪورٽ ڪيو ۽ اپيل جو حق کسيو ويو؟ ڇا موت جي سزا چار ٽي جي اڪثريت سان ڏئي سگهجي ٿي؟ کيس لڳي ٿو ته کين ڪيس جي حقيقتن کي ڏسڻ گهرجي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا مارشل لا دور ۾ ڏنل هر فيصلي کي ڏٺو وڃي؟ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيترائي ڪيس آهن، پارليامينٽ به مارشل ال جي فيصلن جي منظوري ڏني.
جسٽس مسرت هلال چيو ته ڇا بلاول ڀٽو زرداري ۽ ذوالفقار جونئير کي خون بها ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهجي ٿو؟ ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جو مثال ڪنهن به فوجداري ڪيس ۾ ناهي ڏنو ويندو.
مخدوم علي خان چيو ته اصل سوال عدليا تي عوامي اعتماد جو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس غيرمحفوظ فيصلو آهي، سندس راءِ اها آهي ته عدالتي فيصلو بنا ڪنهن دٻاءُ جي ٿيڻ گهرجي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ ٻاهريان هٿ هئا؟ جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته ها رڪارڊ اهو ظاهر ڪري ٿو.
جسٽس جمال چيو ته کين اهو رڪارڊ ڏيکاريو، مرزا اسلم بيگ جي ڪتاب ۾ ذڪر آهي ته ان بابت ٻڌايو.
چيف جسٽس چيو ته مارشل لا فوج اداري طور لاڳو ناهي ڪندي، اهو انفرادي قدم هوندو آهي، ڇا اداري کي ليڪو نه ڪڍڻ گهرجي؟ ڇا سپريم ڪورٽ کي به طئه نه ڪرڻ گهرجي؟
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته کين آرٽيڪل 186 بدران جڏهن ڪو ڪيس اچي تڏهن ئي ڏسڻ گهرجي….- Advertisement -
