- Advertisement -
سپر پاور آمريڪا جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ ڪيترن ئي رياستن ۾ پولنگ ختم ٿي ويئي آهي، جڏهن ته نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي.
هيل تائين آيل نتيجن موجب اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي موجوده آمريڪي نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽس اميدوار ڪملا هيرس تي سرسي حاصل آهي.
هيل تائين آيل نتيجن موجب 538 اليڪٽورل ڪاليج ووٽن مان ڊونلڊ ٽرمپ کي 195 اليڪٽورل ڪالج ووٽ ۽ ڪملا هيرس کي 113 اليڪٽورل ڪالج ووٽ حاصل ٿيا آهن.
صدارتي اميدوار لاءِ 270 اليڪٽورل ڪاليج ووٽ کٽڻ لازمي آهي، جڏهن ته ڪنهن به اميدوار کي کٽڻ لاءِ 7 سوئنگ رياستن جا 93 ووٽ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندا.
435 ميمبرن جي ايوان نمائندگان ۾ ريپبلڪن 81 ۽ ڊيموڪريٽس 42 سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي آهي.
ايوان نمائندگان جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ 218 سيٽون گهربل آهن.
اهڙي طرح سينيٽ جي 100 سيٽن مان ريپبلڪن کي 43 ۽ ڊيموڪريٽس کي 33 سيٽون ملي ويون آهن.
ڪيترن ئي رياستن ۾ ڳڻپ جو سلسلو جاري آهي، ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيرس ۾ چوٽي جو مقابلو آهي.- Advertisement -
