تازه ترين

سپر پاور آمريڪا جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ ڪيترن ئي رياستن ۾ پولنگ ختم ٿي ويئي, نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري

- Advertisement -
سپر پاور آمريڪا جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ ڪيترن ئي رياستن ۾ پولنگ ختم ٿي ويئي آهي، جڏهن ته نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. هيل تائين آيل نتيجن موجب اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي موجوده آمريڪي نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽس اميدوار ڪملا هيرس تي سرسي حاصل آهي. هيل تائين آيل نتيجن موجب 538 اليڪٽورل ڪاليج ووٽن مان ڊونلڊ ٽرمپ کي 195 اليڪٽورل ڪالج ووٽ ۽ ڪملا هيرس کي 113 اليڪٽورل ڪالج ووٽ حاصل ٿيا آهن. صدارتي اميدوار لاءِ 270 اليڪٽورل ڪاليج ووٽ کٽڻ لازمي آهي، جڏهن ته ڪنهن به اميدوار کي کٽڻ لاءِ 7 سوئنگ رياستن جا 93 ووٽ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندا. 435 ميمبرن جي ايوان نمائندگان ۾ ريپبلڪن 81 ۽ ڊيموڪريٽس 42 سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي آهي. ايوان نمائندگان جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ 218 سيٽون گهربل آهن. اهڙي طرح سينيٽ جي 100 سيٽن مان ريپبلڪن کي 43 ۽ ڊيموڪريٽس کي 33 سيٽون ملي ويون آهن. ڪيترن ئي رياستن ۾ ڳڻپ جو سلسلو جاري آهي، ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيرس ۾ چوٽي جو مقابلو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون