- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سڀني کي گڏجي قوم لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، اندروني ۽ پرڏيهي سازشن خلاف ڪم ڪرڻو پوندو، جيستائين هڪ قوم نه بڻجنداسين ترقي نه ڪري سگهنداسين، هن وقت ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن هلي رهيو آهي، تحريڪ انصاف کي هاڻي ايندڙ اليڪشن جو انتظار ڪرڻ گهرجي.
قائداعظم جي مزار تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ 23 مارچ جي موقعي تي قومي هيروز کي ياد ڪري رهيا آهن، اڄوڪي ڏينهن هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته هو اڄ بي خوف پنهنجي ملڪ ۾ رهن پيا، اڄ فلسطين ۾ ڏسو ڪيترو ظلم ٿي رهيو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته کين اختلافن کي وساري ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو، سڀني کي گڏجي قوم لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، اندروني ۽ پرڏيهي سازشن خلاف ڪم ڪرڻو پوندو، جيستائين هڪ قوم نه بڻجنداسين ترقي نه ڪري سگهنداسين.
هن چيو ته هن وقت ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن هلي رهيو آهي، سنڌ جو وڏو وزير چئي چڪو آهي ته ڪنهن به طرح ڌاڙيلن کي نه ڇڏيندا.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف کي هاڻي ايندڙ اليڪشن جو انتظار ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني جي سبب اڄ ملڪ ڪٿي آهي، ڪي پي جي وڏي وزير کي به وطن خاطر ترقي ۾ شامل ٿيڻو پوندو.- Advertisement -
