- Advertisement -
ملير جي علائقي پورٽ قاسم ويجهو 2 ڄڻا سيوريج لائن ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا آهن.
پورٽ قاسم ويجهو سيوريج لائن مان گندو آئل ڪڍڻ دوران 2 ڄڻا امجد ۽ قدير احمد سيوريج لائن ۾ ٻڏي ويا.
ڇيپا رضاڪارن جي مدد سان ٻنهي ڄڻن جا لاش سيوريج لائن مان ڪڍيا ويا.
ٻنهي ڄڻن جا لاش قانوني ڪارروائي بعد جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد امجد ۽ قدير احمد جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
امجد ۽ قدير احمد جا مڙهه گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
