- Advertisement -
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سڀني کي گڏجي ويهي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، تحريڪ انصاف حڪومت ٺاهڻ جي پيپلزپارٽي جي آڇ رد ڪئي، اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽي سان معاملا اڳتي نه ٿا وڌي سگهن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سڀني کي گڏجي ويهي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، هنن سڀني کان پهريان تحريڪ انصاف کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني جيڪا پي ٽي آءِ رد ڪري ڇڏي.
سندس چوڻ هو ته مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ۽ جٽادار حل ضروري آهي، عدليا سان ظلم پاڻ عدليا شروع ڪيو ۽ هاڻي هي عدليا کي ئي ختم ڪرڻو پوندو.
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جي اعليٰ ترين عدليا هڪ ماڻهو جي حڪم کي متفقه آئين تي ترجيح ڏئي، آمرن جي آئين کان مٿاهين تحفظ ڏيڻ سان جمهوريت کي وڌڻ جو موقعو نه مليو.
هن چيو ته جيڪو بهتر فيصلا ڪندو اهو عوام جي نظرن ۾ معتبر هوندو ۽ مٿس تنقيد نه ٿيندي.
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽي سان معاملا اڳتي نه ٿا وڌي سگهن، معاملن کي سڌارڻ جو هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو پارليامينٽ جو رستو آهي.- Advertisement -
