- Advertisement -
سکر جي عدالت صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي مهلت سبب 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
فريادي ڪرم الله مهر، صحافي ۽ ٻيا واسطيدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
جوابدار بشير مهر، بابر مهر، منور مهر ۽ بخشل مهر وڪيلن سميت پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران فريادي طرفان عدالت کي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ بابت درخواست ڪئي وئي.
فريادي ڪرم الله مهر چيو ته صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، عدالت پوليس کي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پابند ڪري.
عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس هن وقت تائين مک جوابدارن کي ڇو گرفتار ڪري ناهي سگهي.
عدالت ۾ گرفتار ٻن جوابدارن شيرو ۽ رمضان وڪيلن معرفت ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي.
عدالت وڪيلن جي مهلت سبب ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
