چڪ ويجهو نوجوان مبينا طور گهرو اڻبڻت سبب آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ محبوب جتوئي ۾ 20 ورهين جي عبدالوحيد جتوئي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
20ورهين جي عبدالوحيد جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
ذريعن موجب، عبدالوحيد پنهنجي وڏي ڀاءُ سان منهن ماري بعد ڪاوڙجي آپگهات ڪري ڇڏيو.
