- Advertisement -
سکر جي عدالت ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي مهلت سبب 29 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ون جي جج عبدالرحمان قاضي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
جوابدار ڌر جي وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ سبب مهلت گهري ورتي.
عدالت جوابدار ڌر جي وڪيلن جي مهلت سبب ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 29 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ڏهه سال اڳ هٿياربندن سکر جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ فائرنگ ڪري جي يو آءِ اڳواڻ خالد محمود سومرو کي قتل ڪيو هو.
قتل ڪيس گذريل 10 سالن کان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ان سائيڊ سينٽرل جيل سکر ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي…………- Advertisement -
