سکر ضلعي ۾ پيپلزپارٽي ڪلين سوئپ ڪري ورتو

- Advertisement -
سکر ضلعي ۾ پيپلزپارٽي ڪلين سوئپ ڪري ورتو. قومي جي ٻن ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي 4 تڪن تي پ پ ڪاميابي ماڻي. اين اي 200 تي نعمان اسلام 97 هزار 88 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جي ڊي اي جي اميدوار ديدار جتوئي 41 هزار 911 ووٽ حاصل ڪيا. اين اي 201 تي سيد خورشيد شاهه لک 20 هزار 219 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جي يو آءِ جي صالح انڍڙ 53 هزار 302 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. پي ايس 22 تي ڄام اڪرام ڌاريجو 41 هزار 828 ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو، جي يو آءِ جي مبين بلو 39 هزار 778 ووٽ حاصل ڪيا. پي ايس 23 تي اويس قادر شاهه 69 هزار 266 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جي ڊي اي جي عنايت ٻرڙي 21 هزار 137 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. پي ايس 24 تي فرخ شاهه 41 هزار 235 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، آزاد اميدوار مبين جتوئي 19 هزار 622 ووٽ حاصل ڪيا. پي ايس 25 تي ناصر شاهه 51 هزار 792 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جي يو آءِ جي مير مهر 25 هزار 59 ووٽ کڻي سگهيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
27%
1.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون