- Advertisement -
سکر جي علائقي تماچاڻي ٿاڻي جي حد مان هٿ آيل نوجوان جي لاش جي محمد يعقوب کوسي طور سڃاڻپ ٿي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته صبح سوير ڊيها ڀرسان سکر شڪارپور روڊ تان نوجوان جو لاش مليو هو.
پوليس لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايو جتي سندس سڃاڻپ ڳوٺ کوسا واسي محمد يعقوب کوسي طور سڃاڻپ ٿي.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان سنڌڙي هوٽل تي مزدوري ڪندو هو، واقعو ڦر واردات آهي يا ذاتي دشمني ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -
