- Advertisement -
سکر پوليس ٻن مقابلن دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سي سيڪشن پوليس جو زيرو پوائنٽ ڀرسان ڏوهارين سان مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ شاهد حسين جتوئي طور ٿي، سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪري کيس طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب،
ٻيو مقابلو تماچاڻي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ ٿيو جنهن دوران هڪ ڏوهاري عرفان عرف راجا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ٻنهي ڏوهارين جي قبضي مان پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن.
پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻئي ڏوهاري سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل هئا سندن وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
