تازه ترين

رفح شهر ۾ داخل ٿيڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، هو پنهنجي ڪنهن به يرغمالي کي اتي اڪيلو نه ڇڏيندا :نيتن ياهو

- Advertisement -
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو يرغمالي شهرين جي وارثن کي خاطري ڪرائي آهي ته هو رفح شهر ۾ داخل ٿيڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، هو پنهنجي ڪنهن به يرغمالي کي اتي اڪيلو نه ڇڏيندا. اسرائيلي ميڊيا موجب، نتين ياهو چيو ته صرف فوجي دٻاءُ ئي يرغمالين جي آزادي جي ضمانت ڏيندو، هو حماس تي مسلسل دٻاءُ وجهي رهيا آهن. ٻئي پاسي غزه گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ باوجود اسرائيل جي غزه ۾ دهشتگردي جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 62 فلسطيني شهيد ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. فلسطيني ميڊيا موجب، 7آڪٽوبر کان هن وقت تائين 32 هزار 552 ڄڻا شهيد ۽ 74 هزار 980 زخمي ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. هوڏانهن حزب الله سان چڪرين ۾ شدت اچڻ کانپوءِ اسرائيلي فوج اوچتو وڏيون فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته مشقن ۾ سڀني ڊائڪريٽوريٽس، آپريشن ڊويزن، جنرل اسٽاف ۽ ونگز شريڪ هونديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
47 %
4.4kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
34 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون