سکر: پوليس مقابلا، 2 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

spot_img
سکر پوليس ٻن مقابلن دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته سي سيڪشن پوليس جو زيرو پوائنٽ ڀرسان ڏوهارين سان مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ شاهد حسين جتوئي طور ٿي، سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪري کيس طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب، ٻيو مقابلو تماچاڻي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ ٿيو جنهن دوران هڪ ڏوهاري عرفان عرف راجا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ٻنهي ڏوهارين جي قبضي مان پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻئي ڏوهاري سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل هئا سندن وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون