تازه ترين

شامي صدر بشار الاسد جي حڪومت ختم

- Advertisement -
شام ۾ باغين مختلف شهرن کانپوءِ گادي واري شهر دمشق  تي به قبضي ۽ صدر بشار الاسد جي ملڪ مان فرار ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، مقامي شهرين ٻڌايو ته دمشق ۾ گوليون هلڻ ۽ ڌماڪن جي آواز جا ٻڌا پيا وڃن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته شام جي باغين دمشق ايئر پورٽ ۽ سرڪاري ٽي وي جي عمارت تي قبضي جي دعويٰ ڪئي آهي، راڄڌاني ۾ شامي گهرو وزارت جي عمارت به باغين جي قبضي ۾ اچي وئي آهي. عرب ميڊيا رپورٽن موجب، راڄڌاني دمشق تي باغين جي قبضي جي اعلان بعد مرڪزي اسڪوائر تي هزارين شهري گڏ ٿي ويا، جشن ۽ نعريبازي ڪئي وئي. شامي اپوزيشن وار مانيٽر جي سربراهه جو چوڻ آهي ته صدر بشارالاسد ملڪ ڇڏي جهاز ۾ ڪنهن اڻڄاتل هنڌ هليو ويو آهي. آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته شامي صدر بشارالاسد دمشق ۾ موجود ناهي، جڏهن ته شامي فوج دمشق جي علائقن مان پٺتي هٽي وئي آهي. آمريڪي ۽ اولهه عهديدارن موجب، بشارالاسد حڪومت ايندڙ هفتي ختم ٿيڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته عوام طرفان اميه اسڪوائر تي جشن ملهايو ويو، شهري شامي فوج جي ٽينڪن تي چڙهي ويا، دمشق ۾ باغي مليشيا کي ڪنهن قدم جي مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پيو، دمشق ويجهو جيل مان هزارين قيدين کي آزاد ڪيو ويو. صدر بشارالاسد جي ملڪ مان فرار ٿيڻ بعد باغي ٽولي تحرير الشام مليشيا جي سربراهه ابو محمد الجولاني پنهنجي بيان ۾ چيو ته پرامن اقتدار جي منتقلي تائين اڳوڻي وزيراعظم محمد غازي الجلالي سموريون رياستون هلائيندو. شامي باغي ٽولي موجب، ڪنهن به صورت شام ۾ موجود ڪيميائي هٿيار استعمال نه ڪندا. باغين جو چوڻ آهي ته شام ۾ ڪارو دور ختم ٿيڻ کانپوءِ نئين دور جي شروعات ڪئي پئي وڃي، سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کي نقصان نه پهچايو ويندو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
13 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
34 %
2.3kmh
40 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون