تازه ترين

شام ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي بمباري جو جواب، ايران، اسرائيل تي سڌو سنئون حملا ڪري ڏنا

- Advertisement -
شام ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي بمباري جو جواب، ايران، اسرائيل تي سڌو سنئون حملا ڪري ڏنا، ايران پهريان 136 ڊرون اماڻيا بعد ۾ ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائل به فائر ڪيا، حملي کانپوءِ اسرائيل جو دفاعي نظام متحرڪ ٿي ويو، اسرائيلي فوج ۽ آمريڪي اختيارين اسرائيل تي ايران جي حملن جي تصديق ڪري ڇڏي، حملي کانپوءِ اسرائيل ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول، اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري پناهگاهون کوليون ويون، اسرائيل طرفان اردن ۽ شام ۾ ايراني ڊرون ناڪاره بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، عالمي ميڊيا جو چوڻ آهي ته درجنن جي تعداد ۾ ايراني ڊرون حملن کي ناڪاره بڻايو ويو. شام ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي بمباري جو جواب ڏيندي ايران، اسرائيل تي سڌو سنئون حملا ڪري ڏنا. ايران پهريان 136 ڊرون اماڻيا بعد ۾ ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائل به فائر ڪيا. ايران اسرائيلي دفاعي ٿاڪن کي نشانو بڻايو آهي، گولان جي جبلن ۽ شام ويجهو اسرائيلي فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو. ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل ۾ 50 سيڪڙو هدف بڻائڻ ۾ ڪامياب رهيو، اسرائيلي هوائي اڏن کي خيبر ميزائلن سان ٽارگيڙ ڪيو آهي. حملي کانپوءِ اسرائيل جو دفاعي نظام متحرڪ ٿي ويو. اسرائيلي فوج ۽ آمريڪي اختيارين اسرائيل تي ايران جي حملن جي تصديق ڪري ڇڏي. حملي کانپوءِ اسرائيل ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول آهي. اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري پناهگاهون کوليون ويون. اسرائيل طرفان اردن ۽ شام ۾ ايراني ڊرون ناڪاره بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. عالمي ميڊيا جو چوڻ آهي ته درجنن جي تعداد ۾ ايراني ڊرون حملن کي ناڪاره بڻايو ويو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
33 %
2.7kmh
1 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون