شاهد آفريدي فائونڊيشن طرفان ٻه جديد موبائل ھيلٿ يونٽ ٿرفائونڊيشن حوالي ڪري معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون

- Advertisement -
شاهد آفريدي فائونڊيشن طرفان ٻه جديد موبائل ھيلٿ يونٽ ٿرفائونڊيشن حوالي ڪري معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي سي اي او عامر اقبال ۽ شاهد آفريدي فائونڊيشن جي سي اي او ظفر اقبال ڪاغذن تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي عامر اقبال شاھد آفريدي فائونڊيشن جي سھڪار کي ٿر ۾ صحت جون سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ اھم قدم قرار ڏنو. عامر اقبال چيو ته موبائل ھيلٿ يونٽس جو بنيادي مقصد ڏورانهن علائقن ۾ صحت جي حوالي سان ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي. هن چيو ته ٿر فائونڊيشن اڳ ئي ٿرپارڪر ضلعي ۾ صحت جا پنج مرڪز ھلائي رھي آھي. دستاويزن تي صحيحن واري تقريب کان اڳ ٿر فائونڊيشن جي جنرل مئنيجر فرحان انصاري مهمانن کي آجياڻو ڏنو ۽ موبائل ھيلٿ يونٽ حوالي ڪرڻ تي سندن ٿورا مڃيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
31%
0.9m/s
0%
ڇنڇر
22 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون