- Advertisement -
شماريات کاتي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 3 ڏهائي 2 سيڪڙو گهٽ ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
شماريات کاتي طرفان مهانگائي جي ماهوار رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب مئي 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح ۾ ماهوار بنيادن تي 3 ڏهائي 2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته سالياني بنيادن تي اها شرح 11 ڏهائي 8 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
ملڪ ۾ هڪ مهيني دوران مهانگائي جي شرح ۾ 3 ڏهائي 24 سيڪڙو گهٽتائي ٿي ۽ سالياني بنياد تي مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11 ڏهائي 8 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
شماريات کاتي موجب هلندڙ مالي سال جي نون مهينين دورنا مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 24 ڏهائي 5 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي آهي، ان عرصي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 29 ڏهائي هڪ سيڪڙو هئي- Advertisement -
