جوابدار مير محمد چانڊيو پنهنجي گهر واري نجمه چانڊيو کي مبينا طور باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو
عورت جي رڙين تي پاڙيوارين پهچي کيس اسپتال منتقل ڪيو.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب نار ي جو 25 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي.
شهدادپور پوليس عورت جي فرياد تي جوابدار مير محمد چانڊيو مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
متاثر عورت نجمه چانڊيو جو چوڻ هو ته مڙس بي آءِ ايس پي جا پئسا ڪڍرائڻ بهاني کيس ويران جاءِ تي وٺي وڃي هٿ پير ٻڌي باهه ۾ اڇلايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
