تازه ترين

شهرين لاءِ مضبوط، ماحول دوست ۽ مضبوط پبلڪ ٽرانسپورٽ سستم سنڌ سرڪار جو عزم آهي؛ شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهرين لاءِ مضبوط، ماحول دوست ۽ مضبوط پبلڪ ٽرانسپورٽ سستم سنڌ سرڪار جو عزم آهي، سنڌ سرڪار کي پيپلز بس سروس سميت ٽرانسپورٽ جي سمورن منصوبن تي فخر آهي،  هزارين شهري سستي، آرام واري ۽ آسان سفري سهولت مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ماحول دوست ۽ آلودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار اي وي بس سروس سنڌ سرڪار جو انقلابي قدم آهي. ورلڊ ٽرانسپورٽ ڊي جي موقعي پنهنجي پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهرين لاءِ مستحڪم، ماحول دوست ۽ جامع پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم جي فراهمي سنڌ حڪومت جو عزم آهي، سنڌ سرڪار کي پيپلز بس سروس سميت پنهنجي سمورن منصوبن تي فخر آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي منصوبن تي روزانو هزارين شهري سستي ۽ پرسڪون سفري سهولت مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ماحول دوست ۽ گدلاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار اي وي بس سروس سنڌ سرڪاري جو انقلابي قدم آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عورتن لاءِ محفوظ ۽ پرسڪون پنڪ بس سروس سڄي دنيا ۾ پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت متعارف ڪرائي. هن چيو ته اورنج ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي تي ڪم جاري آهي، جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان شهر وڌيڪ خوبصورت ٿي ويندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت طرفان پهريون ڀيرو شهرين  لاءِ ڊبل ڊيڪر بس به متعارف ڪرائي پئي وڃي، روشن، صاف سٿري مستقبل لاءِ حڪومت ۽ عوام سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن جو سهڪار ضروري آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
34.6 ° C
34.6 °
34.6 °
5 %
1.2kmh
16 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون