شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪيو وينديون: شرجيل ميمڻ 

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ  چيو آهي ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪيو وينديون، ميڊيا ورڪرن جي پگهارن لاءِ نئين سر قانونسازيءَ تي غور ڪيو ويندو، صحافتي تنظيمن جي سهڪار سان ميڊيا ورڪرن جي مسئلن لاءِ قدم کنيا ويندا. سنڌ اسيمبلي جي پريس گيلري ۾ صحافين جي احتجاج دوران شرجيل ميمن“ ناصر شاهه ۽ ضياءُ الحسن لنجار پهتا. ان موقعي تي ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته جان محمد مهر جي گهرڀاتين کي تحفظ ڏنو ويندو، ان سلسلي ۾ عملدارن سان ڳالهايو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ جيترا به صحافي قتل ٿيا،  سنڌ سرڪار سمورن قاتلن کي گرفتار ڪيو، پ پ سدائين اظهار جي آزادي جي حمايت ڪئي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسد طور جي گرفتاري تي سنڌ جي صحافين جي ڳڻتي بابت وفاقي سرڪار کي آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته ميڊيا ورڪرن جي پگهارن لاءِ نئين سر قانونسازيءَ تي غور ڪيو ويندو، صحافتي تنظيمن جي سهڪار سان ميڊيا ورڪرن جي مسئلن لاءِ قدم کنيا ويندا. شرجيل ميمڻ چيو ته هلندڙ هفتي پريس ڪلب اچي اشتهارن ۽ پگهارن واري معاملي تي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون