- Advertisement -
سکر جي دهشتگردي جي انت واري عدالت شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار وڌيڪ ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت جوابدارن شيرو شيخ ۽ رمضان شيخ جي ٻن ٻن لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ڪيس جي ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
شهيد صحافي جي وارثن ڪرم الله مهر ۽ ٻين چيو آهي ته جان محمد مهر کي هڪ سال اڳ سکر وچ شهر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو.
هنن چيو ته قتل ڪيس ۾ مک جوابدار شيرو مهر، گلزار مهر، روشن مهر، نصير، جمن، محسن ۽ قربان مهر روپوش هئڻ سبب اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.
هنن چيو ته 6 جوابدار بخشل مهر عرف بخشو، بابر مهر، منور مهر، بشير مهر اڳ ئي ضمانت تي آزاد هئا، وڌيڪ ٻن جوابدارن رمضان شيخ ۽ شيرو شيخ جي ضمانت به منظور ڪئي وئي آهي.
هنن چيو ته عدالت مان انصاف جي اميد آهي، سڀ جوابدار ضمانت تي آزد ٿي ويا آهن، روپوش مک جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.- Advertisement -
