- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان، سينيٽ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني تبديلين بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو.
ڌيان ڇڪايو نوٽيس پ پ جي پارلياماني ليڊر سينيٽر شيري رحمان پيش ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سان سنڌ ۾ بي چيني پيدا ٿي وئي آهي، پاڻي معاملن وارو وزير ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل تبديلين بابت وضاحت ڏي.
شيري رحمان چيو ته اهڙيون تبديلون معاهدي جي جي روح کي ڪمزور ڪري سگهن ٿيون، اهي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي به خلاف آهن.
ڌيان ڇڪايو نوٽيس شيري رحمان چيو ته ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر ترميمن جي مخالفت ڪئي آهي.
پ پ سينيٽر چيوته بين الصوبائي پاڻي جي ورڇ ۾ سنڌ کي نقصان ٿي رهيو آهي، صوبي کي سنڌ جي مٿانهن منصوبن بابت خدشا آهن، سنڌ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم واري معاملي تي سخت خدشا آهن.
شيري رحمان چيو ته عوامي ۽ قومي اهميت کي نظر ۾ رکندي هي معاملو فوري طور ڌيان طلب آهي.
ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڄام سيف الله، سينيٽر پونجو ڀيل ۽ سينيٽر سرمد علي صحيحون ڪيون آهن.- Advertisement -
