تازه ترين

شڪارپور شهر جي منڇر شاهه واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن، 9 ڏوهاري مارجي ويا، 2 ڊي ايس پي ۽ 2 پوليس اهلڪار به زخمي

- Advertisement -
شڪارپور پوليس طرفان شهر جي منڇر شاهه واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران 9 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڊي ايس پي ۽ 2 پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا. شڪارپور پوليس طرفان شهر جي منڇر شاهه واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پوليس طرفان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 9 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين ۾ شهزادو شيخ، شهمور شيخ، گل محمد شيخ، ساجد شيخ، اياز شيخ، اويس شيخ، امداد شيخ ۽ غلام محمد بکراڻي سميت 9 ڄڻا شامل آهن. پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڊي ايس پي شڪارپور پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ظهور احمد سومرو ۽ منور بروهي سميت 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ٻنهي ڊي ايس پيز ۽ ٻن پوليس اهلڪارن کي سکر جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ظهور سومرو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين جا لاش واقعي واري هنڌ تان کڻائي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
55 %
4kmh
89 %
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون