- Advertisement -
شڪارپور پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ ڏوهاريءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شاھي باغ لنڪ روڊ مقابلي بعد هڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس ساٿيي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ قربان جتوئي طور ٿي، سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھاري مٿان رستم،خانپور چڪ،بچل ڀيو ٿاڻن تي 6 کان وڌيڪ ڦر ۽ ڌاڙن جا ڪيس داخل آھن، سندس وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي…….- Advertisement -
