- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ صحافين جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي، صحافين هميشح جمهوريت جي نگهباني ۽ نگراني ڪئي آهي.
آزاد صحافت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد بي بي جي ويزن تحت سنڌ حڪومت هميشه آزاد صحافت، تعميري مڪالمي ۽ گڏيل ڀائيچاري کي هٿي ڏئي ٿي.
سندس چوڻ هو ته صحافين جي تحفظ لاءِ سڀ کان پهريان پروٽيڪشن آف جرنلسٽس ڪميشن قائم ڪرڻ پيپلزپارٽي جو ڪارنامو آهي.
سنڌ جي سينيئر ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اظهار جي آزادي کي پيپلز پارٽي هميشه پنهنجي ترجيحن تي رکيو آهي، صحافين جي ڀلائي کي ترجيح ڏيڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جو ويزن آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ صحافين وچ ۾ سهڪار ۽ ڀائيچاري جا ڪيترائي مثال موجود آهن.
سنڌ جي سينيئر ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومتن کي جوابده بڻائڻ، احتساب ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ صحافي ڀائرن جو هميشه اهم ڪردار رهيو آهي.- Advertisement -
