- Advertisement -
صدر آصف علي زرداريءَ 27هين آئيني ترميمي بل تي صحي ڪري ڇڏي آهي.
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظوريءَ بعد سينيٽ سيڪريٽريٽ آئيني ترميم بل 2025 پارلياماني معاملن واري وزارت ڏانهن موڪليو هو.
پارلياماني معاملن واري وزارت آئيني ترميمي بل صدر ڏانهن موڪليو.
صدر آصف علي زرداريءَ 27هين آئيني ترميمي بل تي صحي ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ترميم آئين جو حصو بڻجي وئي آهي.
صدر مملڪت جي منظوريءَ بعد قانون واري وزارت گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.
- Advertisement -
