- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري جي خط کانپوءِ سنڌ ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي مقرري وارو عمل رڪجي ويو.
ذريعن جو چوڻ آھي تھ وي سيز جا نالا فائنل ٿي چڪا آھن پر صدر جي خط کانپوءِ فيصلي ۾ ترميم ٿي سگھي ٿي.
ذريعن موجب يونيورسٽيز ۽ بورڊز جي وزير محمد علي ملڪاڻي ان ڳالھه جي تصديق ڪئي تھ وي سيز جي مقرري وارو عمل رڪيل آھي.
صدر زرداري جي سيڪريٽري شڪيل ملڪ سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي ٻين صوبن مان بھ وي سي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو.
ذريعن موجب لاڙڪاڻو يونيورسٽي لاءِ ڊاڪٽر زاھد حسين ابڙو، ميرپورخاص يونيورسٽي لاءِ ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاھ لاءِ امام الدين کوسي جا نالا فائنل ٿي چڪا آهن.
ذريعن موجب شھيد بينظير يونيورسٽي نوابشاھ لاءِ ڊاڪٽر مدد علي شاھ، شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ ۽ شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور لاءِ وسيم قاضي جا نالا فائنل ٿي چڪا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير انٽرويو ڪرڻ کان پوءِ فائلون يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڏانھن اڳيان وڌائڻ بدران پاڻ وٽ رکي ڇڏيون آهن.
سپريم ڪورٽ جي واضح ھدايتن باوجود اڃا تائين مستقل وي سي مقرر ڪرڻ وارو عمل مڪمل نھ ٿي سگھيو آهي……- Advertisement -
