- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن،دوست ملڪن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، نامزد سفيرن کي پاڪستان سان گڏيل فائديمند سهڪار بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
صدر آصف علي زرداري سان ويٽنام، مالديپ ۽ آئرلينڊ جي سفيرن ملاقاتون ڪري پنهنجون سندون پيش ڪيون.
صدر آصف علي زرداري چيو ته سفير کي مقرري تي مبارڪون ڏنيون ته اميد آهي ته سفير پاڪستان سان گڏيل فائدي لاءِ سهڪار لاءِ ڪردار ادا ڪندا.
هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن سان گڏ واپاري، اقتصادي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ چاهي ٿو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان گڏ ٻه طرفو واپاري ڪاٿو وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن.
صدر آصف علي زرداري چيو ته زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، مينوفيڪچرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري چاهين ٿا.
سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي هٿياربند فوج جي جٿي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو.- Advertisement -
