تازه ترين

صدر آصف علي زرداري جي دوحا ۾ چيني نائب صدر هان زنگ سان ملاقات، پاڪ چين هر موسم جا اسٽريٽجڪ پارٽنر آهن: صدر زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري جي چين جي نائب صدر هان زنگ سان ملاقات ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوحا ۾ جاري سماجي ترقي بابت ٻي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين هر موسم جا اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. صدر جو چوڻ هو ته اهي هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهن صدر سي پيڪ جي ڪاميابي سان تعميل ٿيڻ تي چين جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي. صدر جو چوڻ هو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو اعليٰ معيار جي ترقي جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. چين جي نائب صدر هان زنگ پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن ۽ علاقائي امن لاءِ ڪردار کي ساراهيو. چيني ناب صدر جو چوڻ هو ته چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ پاڪستان جي ترقي ۾ سهڪار جاري رکندو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل اعتماد، احترام ۽ علاقائي خوشحالي جي ويزن تي ٻڌل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن علاقائي ۽ عالمي فورمن تي ويجهو سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.3 ° C
8.3 °
8.3 °
11 %
2.3kmh
0 %
سُومر
18 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
19 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون