- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن ۾ ڇڪتاڻ تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ڪراچي طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير وچ ۾ ٽيليفون تي رابطي دوران سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن وچ ۾ ڇڪتاڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
ذريعن موجب، صدر آصف علي زرداري، محسن نقوي کي فوري طور ڪراچي طلب ڪري ورتو ته جئين صورتحال جو جائزو وٺي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ قدمن تي صلاح مشوري ڪري سگهجي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر زرداري، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي معاملن کي سٺي نموني حل ڪرڻ تي زور ڀريو.- Advertisement -
