تازه ترين

صدر آصف علي زرداري پاران وادي تيراه ضلعي خيبر ۾ سڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري وادي تيراه ضلعي خيبر ۾ سڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته سڄي قوم دهشتگردي جي لعنت کي پاڙان پٽڻ  لاءِ پرعزم ۽ سڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر آصف علي زرداري وادي تيراه ضلعي خيبر ۾ سڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪئي. صدر پاران واقعي ۾ سڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري وطن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيدن کي سلام پيش ڪيو. صدر طرفان حوالدار انعام گل، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي الطاف خان کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري فتنه خوارج خلاف ڪارروايون ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته قوم دهشتگردي جي لعنت کي پاڙان پَٽِڻَ لاءِ پرعزم ۽ سڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر پاران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڪيورٽي فورسز جي قربانين جي ساراهه ڪئي وئي. آصف علي زرداري دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري شهيدن جي بلند درجن ۽ گهرڀاتين لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
42 %
2.2kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون