تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي مذمت

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته حملو وطن جي عزيزن خلاف خارجين جي بزدلاڻي ڪارروائي آهي. صدر آصف علي زرداري طرفان سڪيورٽي فورسز ۽ پوليس کي وقت تي ڪارروائي ڪرڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي. صدر طرفان حملي ۾ شهيد ٿي ويل ايف سي اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت ۽ ڏکڻ جو اظهار پڻ ڪيو آهي. وزراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته سڪيورٽي فورسز جي وقت تي ڪارروائي سبب وڏي نقصان کان بچي وياسين. وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي زخمين جي جلد کان جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ ڪري انهن کي آخري انجام تائين پهچايو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سلامتي تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي ناپاڪ عزم کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين، حڪومت پاڪستان ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.5 ° C
20.5 °
20.5 °
38 %
0.7kmh
51 %
ڇنڇر
21 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون