تازه ترين

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان نوجوانن جي عالمي ڏهاڙي تي ملڪ جي متحرڪ نوجوانن کي مبارڪ

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان نوجوانن جي عالمي ڏهاڙي تي ملڪ جي متحرڪ نوجوانن کي مبارڪ پيش ڪئي وئي آهي. نوجوانن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هو نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان جي متحرڪ نوجوانن کي مبارڪ پيش ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته نوجوان سندن مستقبل جي ضمانت ۽ قيمتي اثاثو آهن، ڇو ته هو مستقبل جا خواب ڏسڻ وارا ۽ ليڊر آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته سندس فرض آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن کي هٿي وٺرائن، خوشحال، پرامن ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير لاءِ موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪن، کيس پنهنجي نوجوانن جي ڪاميابين تي فخر آهي، نوجوانن جي توانائي، تخليقي صلاحيت ۽ استقلال سندس قوم جي ڪاميابي جو سبب آهن. نوجوانن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نوجوان سڀاڻي جا اڳواڻ ۽ ملڪ جي روشن مستقبل جي جوڙجڪ ڪندا، باختيار نوجوان انفرادي ترقي سان گڏ ملڪ جي وسيع سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ۽ ملڪ پنهنجي روشن مستقبل طرف وڌندو. سندس چوڻ هو ته تعليم، ڪاروبار ۽ سماجي سرگرمين لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري نوجوان پنهنجي اندر هاڪاري تبديلي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نوجوانن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته نوجوان دنيا جي مستقبل جا معيار ۽ تبديلي جو اصل سبب آهن. شهباز شريف چيو ته هن سال نوجوانن جي عالمي ڏينهن جو موضوع “ ڪلڪس سان ترقي تائين، يوٿ ڊيجيٽل پاٿ ويز فار سسٽين ايبل ڊويلپمينٽ” اڄ جي دور ۾ نوجوانن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
36 %
5.6kmh
19 %
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون