صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم پاران يونان جي ڏکڻ ٻيٽ ويجهو ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران يونان جي ڏکڻ ٻيٽ ويجهو ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري ٻيڙي حادثي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته انساني سمگلنگ ڪريل عمل آهي، ماڻهو پنهنجي پيارن کي وڃائي ڇڏيندا آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته انساني سمگلنگ جي تدارڪ لاءِ قدم کنيا وڃن. جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف يونان جي ٻيٽ ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انساني اسمگلنگ افسوسناڪ ڏوهه آهي، جنهن سبب هر سال ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا ۽ ڪيترائي خاندان تباهه ٿين ٿا. وزيراعظم جو چوڻ هو ته انساني اسمگلر هڪ ظالم مافيا آهي، جيڪي غريبن کي ڪوڙا خواب ڏيکاري انهن کان پئسا هڙپ ڪن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف گهرو وزير محسن نقوي کي واقعي جي جاچ رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ٻيهر اهڙا واقعا نه ٿين……………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
28%
3.3m/s
3%
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون