تازه ترين

صدر  مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف طرفان ۽ ٻين طرفان نوشڪي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي

- Advertisement -
صدر  مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف طرفان ۽ ٻين طرفان نوشڪي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. صدر آصف علي زرداريءَ نوشڪي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته سڪيورٽي فورسز قوم جي سهڪار سان دهشتگرديءَ کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواهه نٿا ٿي سگهن. آصف علي زرداريءَ چيو ته سموري قوم دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي رد ڪري ٿي، ڏک جي گهڙيءَ ۾ هو مارجي ويلن جي پونيئرن سان هو همدرديءَ جو اظهار ڪن ٿا. وزيراعظم پاران مسافرن کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم طرفان مقتولن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو سوڳوار خاندانن سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته ، دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سندن مددگارن کي سخت سزا ڏني ويندي. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ نوشڪي ۾ دهشتگرد جي حملي ۾ يارنهن ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ نوشڪي واقعي جي مذمت ڪندي مارجي ويلن جي وارثن جي پونيئرن سان ڏک جو اظهار ڪيو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
33 %
2.7kmh
1 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون